اسلام آباد – 05 – آڪٽوبر (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي وفاقي محتسب جو بيواهه کي گهٽ پينشن ??يڻ جو فيصلو رد ڪندي اي او بي آءِ کي 2017ع ۾ مڙس جي وفات جي تاريخ ??ان بيواهه کي پينشن ??يڻ جي هدايت ڪري ڇڏي. اها هدايت شڪايت ڪندڙ جي فوري دادرسي تي جاري ڪئي وئي، لاهور جي شهري عارف محمود جي بيواهه عائشه عارف 25 نومبر 2020ع تي وفاقي محتسب جي فيصلي جي خلاف اپيل ڪئي جنهن ۾ هن اي او بي آءِ ??ان 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان گڏ پينشن جي منظوري جي فيصلي کي برقرار رکيو، صدارتي سيڪريٽريٽ (پبلڪ) جي هدايت موجب، انهي حڪم جي تعميل ڄاڻايل حڪم جي وصولي جي 30 ڏينهن جي اندر ڪرڻ گهرجي، ڪيس جي ٻڌڻي 14 جولاءِ تي ٿي، صدر هڪ حڪم ۾ قرار ڏنو ته 1976ع جي اي??ٽ جي شق بي 22 جيڪا سروائيوز پينشن بابت آهي ان تحت زنده رهندڙ شريڪ حيات پينشن جو حقدار آهي، فيصلي ۾ چيو ويو آهي ته اهو اي??ٽ جي سيڪشن 22(3) جي طرح حقدار کي ڪٿي به نٿو روڪي يا محدود نٿو ڪري، جيتوڻيڪ سيڪشن 22 بي صرف زنده رهندڙ گهرواريءَ جي پينشن بابت آهي ۽ اهو آزاداڻي طور تي ڪم ڪندو آهي، حڪم ۾ وڌيڪ چيو ويو آهي ته مسلمان جي وفات تي وراثت ۽ ٻيا سمورا حق لاڳو ٿيڻ شروع ٿي ويندا آهن، اهڙي طرح ايمپلائيز اولڊ ايج بينيفٽ اي??ٽ 1976ع جي سيڪشن 22 بي ۽ عام اصولن جي پيش نظر، اهو ظاهر آهي ته شڪايت ڪندڙ پنهنجي مڙس جي وفات جي تاريخ ??ان پينشن جي حقدار آهي، وفاقي محتسب ان اهم رخ کي نظرانداز ڪندي ناقابل دفاع بنيادن تي درخواست ڪندڙ جي درخواست رد ڪئي، وفاقي محتسب 29 سيپٽمبر 2017ع تي پنهنجي مڙس جي وفات کانپوءِ شڪايت ڪندڙ کي پينشن رهتون ??يڻ جي خلاف ايجنسي جي فيصلي کي برقرار رکيو، محتسب پنهنجي حڪم ۾، پي او جي آرٽيڪل 2 (2) جي ل??اظ ??ان ايجنسي جي طرفان ڪا ??ه خراب انتظاميه نه ڏٺي، نمبر 1983 ۽ شڪايت کي وفاق محتسب (شڪايتن جي جاچ ۽ اڪلائڻ) جي ضابطي 2013 جي ضابطي 23 (3) موجب رد ڪري ڇڏيو، درخواستگذار جي مڙس کي پنهنجي وفات تائين اي او بي آءِ ??ان پينشن ملي رهي هئي، شڪايت ڪندڙ (بيواهه) پسماندگان جي پينشن جي درخواست داخل ڪئي جنهن جي ايجنسي پهرين فيبروري 2019ع ??ان صرف 6 مهينن جي رهتن جي ادائيگي سان منظوري ڏني هئي، صدر اي او بي آءِ کي بيواهه کي 29 سيپٽمبر 2017ع ??ان سموريون رهتون ادا ڪرڻ جو حڪم ڏنو آهي.
متعلقہ مضامین
-
SC issues notice to AGP in loan write off case
-
Alleged gangster among six suspects held in Karachi
-
Pakistani humanitarian gets award at Global Donors Forum in Istanbul
-
Police communication system launched in capital
-
At 900-year-old Hindu temple, PM reaches out to minorities
-
HESCO blamed for pressurising readers to manipulate readings
-
بی این جی الیکٹرانکس آفیشل ڈاؤن لوڈ گیٹ وے کی مکمل رہنمائی
-
الیکٹرانک پی پی آفیشل ڈاؤن لوڈ لنک کی مکمل رہنمائی
-
جلی الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفصیلات اور خصوصیات
-
ساؤتھ ویسٹ لاٹری کی معروف تفریحی ویب سائٹ
-
Hula ایپ ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ | Hula APP Download Official Website
-
AFB Electronic ایپ ڈاؤن لوڈ داخلہ اور استعمال کی مکمل گائیڈ