ڪوئيٽا – 14 – آگسٽ (??ي پي پي) بلوچستان ۾ 75 هون آزادي جو ڏهاڙو روايتي جوش ۽ جذبي سان ملهايو ويو، بلوچستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي تقريبن جي شروعات صوبائي گادي واري شهر ڪوئيٽا ۾ 21 توپن جي سلامي سان ٿي، ڪوئيٽا گريزن سميت سڄي صوبي ۾ فجر جي نماز کانپوءِ ملڪ جي ترقي، سلامتي، يڪجهتي، مسلمان امت جي اتحاد ۽ ڪشميرين جي جدوجهد ۾ ڪاميابي جي لاءِ خصوصي دعائون گهريون ويون، بلوچستان ۾ آزادي جي ڏهاڙي جي سڀ کان وڏي تقريب ڪوئيٽا ۾ صوبائي اسيمبلي جي باغيچي ۾ ٿي جتي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو قومي جهنڊو ڦڙڪائي تقريب جي شروعات ڪئي، ان ۾ صوبائي وزيرن، صلاحڪارن، پارلياماني سيڪريٽرين ۽ اسيمبلي ميمبرن سميت سول ۽ فوجي آفيسرن شرڪت ڪئي. تقريب کي خطاب ڪندي بلوچستان جي وڏي وزير مير عبدالقدوس بزنجو چيو ته پاڪستان هڪ مضبوط ملڪ آهي ۽ مختلف چئلينجن کي منهن ڏيندي اسان اڳ??ي وڌي رهيا آهيون، 27 رمضان المبارڪ تي وجود ۾ آيل هي ملڪ الله تعاليٰ جي نعمت آهي اسان کي گڏجي تعمير ۽ ترقي جي لاءِ ذات پات، قوميت، سنڌي، پنجابي، بلوچ، پشتون مان نڪ??ي هڪ قوم جي حيثيت سان اڳ??ي وڌڻو پوندو. پاڪستان جو دفاع مضبوط هٿن ۾ آهي ۽ ڪير به ميري اک سان نه ٿو ڏسي سگهي.
متعلقہ مضامین
-
No new dengue case reported in Islamabad
-
4th Int’l conference on computing related technologies on May 21 at SMIU
-
Nawaz hails PM Shehbaz for record cut in power tariff
-
KP positioned as key corridor to Central Asia, says Governor Kundi
-
انسٹنٹ میسجنگ گیمز آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ
-
فینکس رائز آفیشل انٹرٹینمنٹ انٹرنس کا افتتاح
-
PML-N sweeps AJK polls with 33 seats
-
PAF, RSAF to extend cooperation in field of aviation, military training
-
Syrian President rejects ceasefire call from opposition forces
-
پی ٹی الیکٹرانک انٹرٹینمنٹ کی سرکاری ویب سائٹ
-
VIA آن لائن آفیشل ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ: آپ کا قابل اعتماد ڈیجیٹل حل
-
ایم جی الیکٹرانکس آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کی مکمل رہنمائی