اسلام آباد – 25 – اپريل (اي پي پي) صدر ڊاڪٽر عارف علوي ايف بي آر کي غير رجسٽرڊ کنڊ جي ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ جي هدايت ڪئي آهي. هن ايف بي آر کي 60 ڏينهن ۾ جامع عملدرآمد رپورٽ وفاقي محتسب ۾ ج??ع ڪرائڻ جي به هدايت ڪئي آهي. ايوان صدر جي پريس ونگ مان جاري بيان موجب صدر ڊاڪٽر عارف علوي چيو ته ٽيڪس وصولي وڌائڻ لاءِ کنڊ جي وڏن خريدارن ۽ غير رجسٽرڊ ڊيلرز کي ٽيڪس نيٽ ۾ آندو وڃي، ايف بي آر وٽ ڊيٽا جي دستيابي جي باوجود وڏي مقدار ۾ کنڊ جا خريدار ٽيڪس نيٽ کان ٻاهر آهن، صدر چيو ته کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدار ٽيڪس ادائيگي جي قومي ذميداري ادا نه ڪري رهيا آهن، صدر ايف بي آر جي وفاقي ٽيڪس محتسب جي هدايتن جي خلاف درخواست رد ڪري ڇڏي. وفاقي ٽيڪس محتسب پرائيويٽ شوگر ملز کان کنڊ جي غير رجسٽرڊ خريدارن کي ٽيڪس نيٽ ۾ آڻڻ لاءِ تحقيقات جو آغاز ڪيو هو، گذريل چئن سالن دوران ملز مختلف غير رجسٽرڊ خريدارن کي 2.7 ارب روپين جي کنڊ فراهم ڪئي، صرف ٽن ??ريدارن وٽ قومي ٽيڪس نمبر هو، ايف بي آر ٽيڪس جو دائرو وڌائڻ تي ڌيان نه ڏنو، شوگر ملن وٽ کنڊ جي سپلائي ۽ خريدارن جو رڪارڊ هوندو آهي، ايف بي آر شوگر ملن جي ڊيٽا جو تجزيو ڪرڻ ۽ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪرڻ ۾ ناڪام رهيو، محتسب چيف ڪمشنر، ايل ٽي او ڪراچي کي هدايت ڪئي ته هو غير رجسٽرڊ ماڻهن کي ٽيڪس نيٽ ۾ شامل ڪري، ايف بي آر وفاقي ٽيڪس محتسب جي حڪم جي خلاف صدر وٽ درخواست داخل ڪئي هئي. صدر چيو ته ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز غير رجسٽرڊ خريدارن جي معلومات گڏ ڪرڻ ۾ چوڪس نه آهي، ايف بي آر ملز جي ماهوار سيلز ٽيڪس گوشوارن تي مطمئن آهي، ڊيٽا جي جاچ نه پئي ڪئي وڃي، ايف بي آر جي فيلڊ فارميشنز شوگر ملز جي ڊيٽا جو وقت سر تجزيو ڪري خريدارن جا تفصيل حاصل ڪري سگهجي ٿي. صدر چيو ته ايف بي آر جي پنهنجي فرضن جي ادائيگي ۾ سنگين غفلت ۽ ??اا??لي بدانتظامي جي برابر آهي، ٽيڪس ادائيگي وڌائڻ لاءِ محتسب جي سفارشن کي کنڊ جي شعبي تي لاڳو ڪيو وڃي، صدر هدايت ڪئي ته ايف بي آر 60 ڏينهن ۾ وفاقي ٽيڪس محتسب کي عملدرامد جي جامع رپورٽ پيش ڪري.
متعلقہ مضامین
-
1,000 primary schools declared flood relief camps in Larkana
-
Naqvi thanks Saudi envoy for defusing Indo-Pak tensions
-
We fight for freedom, not war: Bilawal calls out India on Kashmir crisis
-
IHC issues notice to 7 in former CJP vehicle case
-
Pakistan, China sign MoU to eliminate corruption
-
کریش گیم آفیشل گیم ڈاؤن لوڈ کرنے کا مکمل طریقہ
-
BING الیکٹرانکس کی آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ ڈیجیٹل تفریح کی دنیا
-
بی ایس پی کارڈ گیم آفیشل پورٹل: ایک دلچسپ اور پرتجسس کھیل کی دنیا
-
ہائی اور لو کارڈز آفیشل انٹرٹینمنٹ ویب سائٹ: تفریح کا نیا پلیٹ فارم
-
ورچوئل رئیلٹی لاٹری آفیشل گیم کی نئی ویب سائٹ کا آغاز
-
جنوب مشرقی آن لائن ایپ تفریح ویب سائٹ: تفریح کا نیا پلیٹ فارم
-
Hula App ڈاؤن لوڈ ویب سائٹ | Hula ایپ کو آفیشل ویب سائٹ سے ڈاؤن لوڈ کریں